اوڪسفرڊ انگلش–سنڌي ڊڪشنري

اوڪسفرڊ انگلش–سنڌي ڊڪشنري

اوڪسفرڊ انگلش سنڌي ڊڪشنري

اوڪسفرڊ انگلش–سنڌي ڊڪشنري: هيءَ جديد ۽ جامع لغت اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، ڪراچيءَ طرفان 2010ع ۾ شايع ڪئي وئي، هن ڊڪشنريءَ جو چيف ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هو. هن لغت ۾ انگريزي لفظن جون سنڌي معنائون، استعمال، اچار، هدايتون ۽ وضاحتون ڏنل آهن. ان کان علاوه بين الاقوامي صوتي ابجد (IPA) مطابق انگريزي لفظن جو اچار انگريزي توڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ متبادل لفظ، سائنسي اصطلاح، بيهڪ جون نشانيون ۽ جملا بيان ڪيل آهن. مجموعي طور هن ضخيم ڊڪشنريءَ ۾ 65000 بنيادي انگريزي لفظن جون هڪ لک چاليهه هزار سنڌي معنائون ڏنل آهن. هن ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ جن عالمن ۽ ماهرن حصو ورتو، تن ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، ڊاڪٽر فهميده حسين،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، نور احمد جنجھي ۽ ٻيا شامل هئا. پڪي جلد ۽ ڊسٽ ڪور سان هيءَ ڊبل ڪرائون سائيز جي ڊڪشنري 2096 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 1500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو